پڙاڏو سوئي سڏ

پڙاڏو سوئي سڏ

پڙاڏو سوئي سڏ

پڙاڏو سوئي سڏ (ناول): هي ناول سنڌ جي نامور صحافي ۽ ناول نگار سراج ميمڻ جو لکيل آهي، مصنف ’ٻه لفظ‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌ جي تاريخ هونئن ته هر مظلوم قوم جي تاريخ وانگر ظلم جي داستانن سان ڀري پيئي آهي، پر ان تاريخ ۾ ترخانن جو دؤر سنڌ جي ماضيءَ جو بدترين دؤر آهي، جڏهن شاهه بيگ ارغون سنڌ تي قبضو ڄمايو، تڏهن هن ايترا ته ظلم ڪيا، جو ڪنهن شاعر ان وقت جي حملي جي تاريخ ’خرابي سنڌ‘ مان ڪڍي هئي، ترخانن ۾ مرزا باقي ترخان جو دؤر سڀ کان اونداهو ۽ سڀ کان روشن دؤر آهي، سڀ کان اونداهو ان ڪري جو هن کان وڌيڪ ظالم ٻيو حاڪم نه ٿيو ۽ سڀ کان روشن ان ڪري جو ان ظلم خلاف سنڌي قوم منظم ٿي بغاوت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سنڌ جي تاريخن ۾ ان بغاوت جي يڪي ۽ سربستي ڪهاڻي لکيل ڪانهي، پر مختلف تاريخن ۾ مختلف شاعرن جي شعرن ۾ ننڍا ننڍا واقعا بيان ٿيل آهن، جن ۾ مون کي هڪ عظيم سلسلو ٿو نظر اچي، انهن ئي واقعن جي هيءَ ڪهاڻي آهي، مرزا باقيءَ جي ظلمن جي رد عمل طور سنڌين ڪئين شورشون ڪيون، جن جو هڪ مقصد هو، هڪ آدرش هو، ان آدرش کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ئي مون ان کي ناول جي صورت ڏني آهي“. سراج ميمڻ جو هي ناول ترخانن جي ظلمن جي عڪاسي ڪري ٿو، هن ناول جو پهريون (1970ع) ۽ ٻيو (1981ع) ۾ ڇاپو زيب ادبي مرڪز طرفان شايع ٿيو ۽ ٽيون (1988ع)، چوٿون (1989ع)، پنجون (1995ع) ۽ ڇهون (2004ع) ۾ نيو فيلڊ پبليڪيشن طرفان شايع ٿي چڪو آهي، جيڪو ڊيمي سائيز جي 246 صفحن تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو